سري گھاٽ

سري گھاٽ: حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي مرڪزي دروازي جي سامهون شاهي بازار کان سڌائيءَ ۾ ويندڙ رستو هندو عاملن واري گھٽيءَ وٽان ٿيندو سري گھاٽ تي نڪري ٿو. سري گھاٽ جي علائقي تي اهو نالو 1845ع کانپوءِ پيو، روايتن موجب جڏهن انگريزن نهايت ظالماڻي انداز سان سنڌين کي سرعام سزائون ڏيڻ شروع ڪيون هيون ۽ سر چارلس نيپئر جي حڪم موجب ٽالپرن جي قيد ڪيل سپاهين ۽ مزاحمت ڪندڙ سنڌين کي سري گھاٽ جي اوچي مقام تي آڻي سر قلم ڪيو ويندو هو. شهر جي مٿانهين علائقي هئڻ ڪري انگريزن سري گھاٽ تي به هڪڙو مورچو ٺاهي رکيو هو، جتي هڪڙي توب پڻ تيار بيٺل هوندي هئي. سري گھاٽ تي سنڌين جا سر لاٿا ويندا هئا، جنهنڪري انهيءَ هنڌ کي انهيءَ نالي سان سڏيو وڃڻ لڳو. هي هڪ دهشت ناڪ علامت وارو علائقو بڻجي ويو، جتان ماڻهن ڊپ کان گذرڻ ڇڏي ڏنو هو.


لفظ سري گھاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو